ڀاڳيا سنتوش گاگو مل

ڀاڳيا، سنتوش گاگو مل: هي فنڪار ۽ قلمڪار 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. هن اداڪار طور ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۽ آل انڊيا ريڊيو تان 35 کن ريڊيو ناٽڪن ۾ حصو ورتو، جن ۾ ”شرط“، ”عمر مارئي“، ”جڏهن پتني پيڪي وئي“ ۽ ”چريتر هيڻ“ شامل آهن. ان کان سواءِ هُن ڪجهه سنڌي ناٽڪن جھڙوڪ: ”بابا مان هاڻي شادي ڪندس“ ۽ ”مون کي شرم ٿو اچي“ جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو. هو سٺو راڳي ۽ بانسري وڄائيندڙ آهي. هن 40 کان وڌيڪ گيتن جون ڌنون ترتيب به ڏنيون آهن. هن وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.12.04  عيسوي

ڀاڳيا سنتوش گاگو مل 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غوث حسين شاهه 1
هوت خان رند
سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو
ٽوانا
حاجي عبدالله هارون
شهزادي
احمد فقير سمو
عبدالله ٺٽوي مخدوم
تاج الدين انصاري
بن سومار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون